ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) ڪراچي پوليس ڊفينس واري علائقي ۾ نائيجيريا جي 3 شهرين کي اغوا ڪري هڪ بنگلي ۾ قيد رکڻ ۽ 70 لک رپين جي رشوت عيوض هڪ شخص جي ذاتي ضمانت تي ٽنهي پرڏيهي شهرين کي سندس حوالي ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڊفينس ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او محمد علي نيازي ۽ ايس آءِ او وسيم ابڙو ۽ ٻين خلاف ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي جي حڪم تحت ڄاڻايل ڪيس جي نئين سر جاچ ڪئي وئي آهي، نومبر 2020ع تي ايڊيشنل آءِ جي کي واٽس ايپ شڪايتي گروپ ذريعي نائيجيريا جي ٽن شهرين جي اغوا بابت اطلاع مليو، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪري ڊفينس فيز 7 جي هڪ بنگلي تي ڇاپو هڻي ٽنهي پرڏيهي شهرين کي هٿ ڪيو، جيڪي بنگلي جي ڌار ڌار ڪمرن ۾ زنجيرن ۾ ٻڌل هئا، بازياب ڪرايل ٽنهي شهرين پنهنجا نالا اگوجي سموئل، لڪي ۽ اميڪا ٻڌايا. چالان ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٽنهي بازياب ڪرايل شهرين کي ڊفينس ٿاڻي جي ايس ايچ او حوالي ڪيو ويو، بازياب ڪرايل نائيجيريا جي هڪ شهري پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته هو گارمينٽس جو ڪاروبار ڪندو آهي، انهي سلسلي ۾ ڪراچي آيو هو، جڏهن ته اگوجي نالي پرڏيهي شهري ٻڌايو ته نائيجيريا ۾ موجود دوست کيس ڪراچي ۾ حاجي عمران نالي دوست سان ملڻ لاءِ چيو هو. پوليس پاران بازياب ڪرايل ٽنهي پرڏيهي شهرين کي 18 نومبر تي دلبر ملاڻو نالي شخص جي لکت ۾ ڏنل ضمانت تي سندس حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد اهي پرڏيهي شهري گم ٿي ويا، مامري جي نئين سر جاچ دوران جوابدارن کان پڇاڳاڇا ڪري بنگلو مسواڙ تي وٺي ڏياريندڙ سليم رند کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن پوليس آڏو انڪشاف ڪيو ته کيس نصرت عرف نصرالله بزنجو عرف حاجي عمران ڄاڻايل بنگلو نائيجيريا جي شهرين لاءِ مسواڙ تي حاصل ڪرڻ لاءِ چيو هو، سليم موجب نصرت عرف نصرالله بزنجو بلوچستان جي تربت واري علائقي ۾ موجود جان محمد ۽ جعفر سان گڏجي سمنڊ رستي چرس، ڪوڪين، آئيس ۽ ٻي منشيات آفريقي ملڪن ڏانهن اسمگل ڪندو آهي، چالان ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار سليم رند موجب جن ملڪن ڏانهن منشيات اسمگل ڪئي ويندي آهي، اتان جا گروهه پنهنجي هڪ ماڻهو کي منشيات جي رقم جي وصولي لاءِ ضمانت طور اسان وٽ ڇڏي ويندا آهن، منشيات جي رقم دبئي، قطر ذريعي پاڪستان ۾ هنڊي ذريعي موڪلي ويندي آهي، رقم ملڻ بعد ضمانت طور رکيل نائيجيريا جي شهرين کي آزاد ڪيو ويندو آهي، چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمنڊ ذريعي آفريقي ملڪن ڏانهن موڪلي ويندڙ منشيات جي وڪرو ٿيڻ ۾ 3 کان 4 مهينا لڳي ويندا آهن، جنهن بعد کين رقم ملندي آهي، چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار سليم رند موجب پوليس پاران هٿ ڪيل نائيجيريا جي ٽنهي شهرين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ علي حسن بروهي سان رابطو ڪيو، جنهن پنهنجي ماڻهو دلبر ملاڻو ذريعي ڄاڻايل شهري پوليس کان وٺي حب بلوچستان ۾ اسان جي حوالي ڪيا. جوابدار سليم رند موجب نائيجيريا جي شهرين کي پوليس کان آزاد ڪرائڻ لاءِ 70 لک رپيا علي حسن بروهي کي ڏنا، علي حسن بروهي ڄاڻايل رقم ڊفينس جي ايس ايچ او محمد علي نيازي ۽ ايس آءِ او وسيم ابڙو کي ڏني، حب مان نصرالله، جعفر ۽ عمران ٽنهي پرڏيهي شهرين کي وٺي تربت هليا ويا. جوابدار سليم موجب ڪجهه ڏينهن بعد نصرالله ٻڌايو ته نائيجيريا جي هڪ شهري جي گهر وارن پاران رقم ادا ڪرڻ بعد کيس ڇڏيو ويو، باقي 2 ڄڻن کي قمبر، جان محمد ۽ عمران فتح ڪنهن نامعلوم هنڌ تي لڪايو آهي، چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل غير ملڪين جي بازيابي لاءِ ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي خط لکي ڇڏيا آهن، کين هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.