ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جو ايم پي اي برهان چانڊيو ۽ جي ڊي اي جو ايم پي اي شهريار مهر پاڪستان جي وادي هنزه ۽ ٻين علائقن جي دوري ۽ شڪار تي نڪتل آهن. سنڌ اسيمبلي اندر هڪٻئي جي مخالفت ۾ تقريرون ڪندڙ ٻنهي ايم پي ايز هماليه جبل جي 400 ميٽر جي اوچائي تي مارخور ( جابلو ٻڪر جو قسم ) جو شڪار ڪيو. ٻنهي ايم پي ايز پنهنجي شڪار جون تصويرون پڻ پبلڪ ڪيون آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.