ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۽ بلوچستان جو حوالا هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙجي پيو، ماسٽر مائنڊ سميت 3 جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل ڪراچي جي ٽيم دائود پوٽا روڊ تي واقع هڪ آفيس تي ڇاپو هڻي عبدالفتاح، سيد جاويد علي ۽ لطيف لاکو کي گرفتار ڪري 2 موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيا ڪاغذ هٿ ڪري ورتا، جوابدارن سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ به هنڊي جي ڪاروبار جو اعتراف ڪيو، جوابدار عبدالفتاح ٻڌايو ته سندس ڀاءَ وحيد علي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب جوابدارن جو قمبر ، وڳڻ، بهرام، وارهه، لاڙڪاڻو، رتوديرو، دوڙ، نوابشاهه، ڦل، گمبٽ، ڀان سيد آباد، مورو ۽ خضدار تائين نيٽ ورڪ آهي، ڄاڻايل شهرن ۾ ياسين ٻگھيو، شمس الدين، ساجد کوسو، راجا سومرو، نصير مغيري، بشير کوکر، سائينداد بروهي، امداد کوسو، امجد شاهه، سجاد لاشاري، فهيم لاشاري، ذوالفقار قريشي، عاقب علي، ڊاڪٽر اسماعيل، لطيف لاکو، اصغر، بشير ميمڻ، زمان ڪلهوڙو ۽ نذير انهي نيٽ ورڪ ۾ شامل آهن. ايف آءِ اي اختيارين موجب جوابدار عبدلفتاح هنڊي واري ڪاروبار جو ماسٽر مائنڊ آهي، دبئي مان جوابدار جي سوٽ کي سعيد پٺاڻ، ملوڪ، خان پٺاڻ، دلشاد پٺاڻ، علي احمد لهڙي، مصطفيٰ ٻرڙو، سراج چانڊيو، فتح محمد ٻرڙو، ديدار ڪنڀر، رويا بروهي، رفيق بروهي، طارق پتوجو، اصغر لاکو، مهدي ڏنو لاکو ۽ سڌير ڏيپر روزاني جي بنيادن تي درهم اماڻين ٿا، جوابدارن جا 6 کان وڌيڪ بينامي اڪائونٽس آهن، جيڪي حسن علي ۽ سجاد جي نالن تي آهن. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،