اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي وڌيڪ 89 ملين يورو فراهم ڪري ڇڏيا آهن. الفريڊ گراناس پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اڄ گڏيل قومن جي جنيوا ڪانفرنس ۾ جرمني پاڪستان ۾ موسمياتي ۽ توانائي پروگرامن لاءِ وڌيڪ 89 ملين يورو (8 ڪروڙ 90 لک) فراهم ڪري ڇڏيا آهن. ان پروگرام لاءِ پهرين ئي 99 ملين يورو رکيا ويا آهن. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته هن اهم معاملي تي جرمن عوام ۽ حڪومت پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان سهڪار ڪيو آهي.