اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ڊونرز ڪانفرنس تي تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ان ۾ ڪنهن به اهم عالمي اڳواڻ شرڪت نه ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر فواد چوڌري چيو ته ڊونر ڪانفرنس ۾ ميزبان فرانس 10 ملين ڊالر ڏنا آهن، هڪ به اهم ليڊر ڪانفرنس ۾ شريڪ نه آهي جيڪڏهن سڄي ڪانفرنس وڊيو لنڪ تي ڪرڻي هئي ته جنيوا وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي پئسا ته نه آيا پر ڪيترائي لک ڊالر وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جي دوري تي لڳي ويا.