اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي 31 جنوري تي طلب ڪري ورتو، ڪالهه طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي، اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جو وڪيل علي بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته طبي بنيادن تي عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري رهيو آهيان، وڪيل علي ظفر لاهور ۾ مصروف آهي، عمران خان جي واٽس اپ ذريعي ميڊيڪل رپورٽ گهرائي وٺنداسين. جنهن تي جج ظفر اقبال رمارڪس ڏنا ته عمران خان طرفان ڪو وڪالت نامو ئي ڏيو، ڇا عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ گڏ ڏني آهي؟ عمران خان طرفان ته درخواست به داخل ناهي ڪئي وئي. ان دوران اليڪشن ڪميشن جي جونيئر وڪيل چيو ته عمران خان طرفان نه ئي وڪالت نامو جمع ڪرايو ويو آهي ۽ نه ئي درخواست تي عمران خان جي صحيح ٿيل آهن، جج ظفر اقبال ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عمران خان طرفان وڪالت نامو اچي ها ته اڄ ئي ڪيس جي تصديق ٿيل ڪاپي فراهم ڪريون ها. وڪيل علي بخاري ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ فيبروري ۾ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سعد حسن عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته عمران خان جي ضمانت تيستائين نٿي ٿي سگهي، جيستائين هو پاڻ نه ٿو اچي، عمران خان اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿئي ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. ٻڌڻي جي وقفي کانپوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي ڪيس جي تصديق ٿيل ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪاپيون عمران خان کي فراهم ڪرڻيون آهن، عمران خان جو ٻيو ڪيس به آهي، ان کي به 31 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.  هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج واري ڪيس ۾ به عمران خان جي ضمانت ۾ 31 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي، اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت درخواست جي ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي ڪالهه حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪئي وئي، عمران خان طرفان بابر اعواڻ وڪيل طور پيش ٿيو، 31 جنوري تي عمران خان عدالت اچي ويندو؟ عدالت جو بابر اعواڻ کان سوال، بابر اعواڻ جواب ۾ چيو جي هاڻي هو صحتياب ٿي رهيو آهي.