واشنگٽن(م ڊ) عالمي مالياتي نشرياتي اداري بلوم برگ چيو آهي ته پاڪستان جا مٽاسٽا ناڻي جا هاڻوڪا ذخيرا ايندڙ ڇهن مهينن تائين ڏيوالو نڪرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهن ان لاءِ ان جو خطرو ڇهن مهينن تائين ٽري ويو آهي.  پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ بلوم برگ چيو ته پاڪستان وٽ هن وقت 5 ارب 60 ڪروڙ ڊالرن جا مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا آهن جيڪي ايندڙ پنجن مهينن جي فنڊنگ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. يعني گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن تائين پاڪستان جي ڏيوالي نڪرڻ جو ڪو خطرو نه آهي. پر پاڪستان جون ڏکيائيون اڃا گهٽ نه ٿيون آهن، التوا جو شڪار آءِ ايم ايف پروگرا جي ٻيهر شروعات ملڪ لاءِ انتهائي اهم آهي. آءِ ايم ايف جي فنڊنگ لاءِ به ضروري آهي ته قرض ڏيندڙ ملڪن کان امڪاني 5 ارب ڊالر عالمي بينڪ کان هڪ ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جي امداد ملي وڃي. رپورٽ موجب پاڪستان کي جون تائين آءِ ايم ايف کان پئسا ملي ويندا، پر پاڪستان کي ٻاهرين امداد سان ناڻي ذخيرن کي 14 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن تائين وڌائڻ گهرجي پر ان سان به رڳو مارچ 2024ع تائين ادائگين جو توازن برقرار رهي سگهندو. رپورٽ موجب اهم سوال اهو آهي ته پاڪستان ان کانپوءِ جا 12 مهينا ڪيئن پورا ڪندو؟ جڏهن ان جا ڊالر 11 ارب ڊالر ٿي ويندا. سيڙپڪار هاڻ اپريل 2024ع ۾ وڏو قرض ڏيڻ لاءِ فڪرمند آهن. آءِ ايم ايف اڃا به 2 ارب 60 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي قسط روڪي سگهي ٿو پر ٻوڏ جي تباهي جي ڪري شايد ائين نه ڪري.