ڪراچي (نمائندن وٽان) اٽي جو بحران ختم نه ٿيو، سنڌ سراپا احتجاج، حڪومت جو اعلانيل سستو اٽو اڻلڀ، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، چڪريون پوليس جي لٺبازي، خبر موجب سنڌ ۾ اٽي جو بحران برقرار آهي، جڏهن ته حڪومت جو اعلان ڪيل سستو اٽو عام ماڻهو جي پهچ کان گهڻو دور آهي، ڪالهه حيدرآباد ۾ انتظاميا پاران اعلانيل اسٽالن تي شهرين کي سرڪاري اگهه تي اٽو فراهم نه ٿيو، جنهن ڪري شهري سراپا احتجاج بڻيل رهيا، پ پ شهيد ڀٽو پاران ارشاد خاصخيلي، رمضان خماڻ، عليم قريشي، حسنين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران لياقت عمراڻي، عبدالستار جاگيراڻي، محراب ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ڌرتي ڌڻي تحريڪ ۽ لاڙڪاڻو سماجي اتحاد پاران جاويد لاشاري، نظر مغيري، بشير شيخ، احمد بخش ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، مٽياري ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو ڌرتي ڌڻي تحريڪ پاران مھانگائي ۽ اٽي جي بحران خلاف دلدار کوسو، واحد جان مري، خالد کوسو، سجيل سالاريو، ذوالفقار ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، سجاول ويجهو ٻڍو ٽالپر ۾ ايس ٽي پي پاران ممتاز لغاري، اسماعيل جت، عبدالرشيد سولنگي ۽ ريحان بوبڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مٺي ۾ سستي اٽي جي اسٽال تي بدنظمي دوران عوام ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ بعد چڪريون ٿيون، جنهن دوران اٽو وٺڻ آيل ماڻهن تي پوليس لٺبازي ڪري ڏني، جڏهن ته مڇريل ماڻهن وري اهلڪار کي ڪٽڪو ڏنو، اڳ ۾ پوليس سوين ماڻھن کان ڀڄي جان بچائي، بعد ۾ وڌيڪ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا جن عوام کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي، عوام الزام هنيو ته پوليس اهلڪار پنهنجي ايجنٽن کي اٽو ڏياري رهيا هئا، اسلام ڪوٽ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ان ڏس ۾ شهرين ڪبير ڀيل، قاسم بجير، ابوبڪر لنجو، ديدار لنجو، حاجي ڪنڀار، دليپ ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون موڙ وٽ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، چمبڙ ۾ اٽو  بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف سنڌ ھاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پاران ڪامريڊ امداد قاضي، ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل، مبارڪ رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو، ڏيئي ۾ سستو اٽو نه ملڻ خلاف شهرين فاروق نوتڪاڻي، منصور نوتڪاڻي، فتح محمد لاشاري ۽ ڀلجي ڀيل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، کوسڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ستار ٻرڙو، ميان خان کوسو، ايوب ڀٽي، علي اڪبر ڀوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڊگهڙي ۾ سستو اٽو نه ملڻ خلاف اسٽال تي پهتل مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن باءِ پاس تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو، نئون ڪوٽ ۾ اٽو سستو نه ملڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ شھرين ڀورل سنڌي، سڪندر جسڪاڻي، امداد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ڏيپلو ۾  اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف ڌرتي ڌڻي تحريڪ، شھري اتحاد، عوامي تحريڪ ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن چندن راٺوڙ، لڇمڻ سنگهه، محمد عمر بجير، عمران باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.