”جذبات ۾ اچي غلط عمل ڪيو، معافي وٺان ٿو!“ مٺي ۾ نوجوان جي تذليل ڪندڙ جوابدار

0
431
گرفتار جوابدار عبداسلام ابو دائود
مٺي ۾ توهين مذهب واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عبدالسلام ابو دائو ضمانت تي آزاد

مٺي: مذھبي انتشار ڦھلائڻ واري وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار عبداسلام ابو دائود کي ايس ايس پي پاران ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو. گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو ته مون جذبات ۾ اچي غلط عمل ڪيو، ان جي معافي وٺان ٿو، ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ منهنجو قطعي مقصد نه هو نينگر سان جهيڙي بعد جذبات ۾ اچي غلط عمل ڪيو، اسانجو مذھب به اهڙي عمل جي اجازت نٿو ڏي شرمسار آھيان مونکي معافي ڏني وڃي.