مٺي: توهين مذهب مامرو، ايس ايس پي ٿرپارڪر پريس ڪانفرنس ڪندي ڇا چيو؟؟

0
329
مٺي: ايس ايس پي سردار حسن نيازي
مٺي: توهين مذهب مامرو، ايس ايس پي ٿرپارڪر پريس ڪانفرنس ڪندي ڇا چيو؟؟

مٺي: ايس ايس پي سردار حسن نيازي چيو آهي ته مذھبي انتشار ڦھلائڻ واقعي جوڪيس داخل ڪري جوابدار عبدالسلام ابو دائود کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جوابدار ڳوٺاڻي نينگر مڪيش ڀيل تي تشدد ڪري ٻن مذھبن وچ ۾ نفرتون ڦھلائڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري سوشل ميڍيا تي وائرل ڪيون، پوليس هنگامي بنيادن تي جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. ايس ايس پي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي ويندي ۽ جوابدار کي انجي ڏوھ جي سزا ضرور ملندي، مذھبي نفرتون ڦھلائي ٿر جي امن کي تباه ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. ايس ايس پي
چيو ته اسان جوابدار کي هنگامي بنيادن تي گرفتار نه ڪريون ها ته معاملو گهڻو اڳتي نڪري وڃي ها ۽ پوء ان تي قابو پائڻ ڏکيو بڻجي وڃي ها. ٿر امن ڀائيچاري ۽ مذھبي رواداري جو ديس آھي اتي اهڙيون حرڪتون ناقابل برداشت آھن، هن چيو ته مذھبي رواداري کي برقرار رکڻ لاء اهڙن فتني باز ماڻهن خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين، شرعاتي جاچ ۾ جوابدار جذبات ۾ اچي اهڙي حرڪت ڪرڻ جو اعترف ڪيو آھي واقعي ۾ ملوث ھڪ فرد آھي يا گينگ ان جي جاچ جاري آھي، هن چيو ته پيش آيل واقعي جي وڊيو سوشل ميڍيا تي وائرل ٿيڻ جو وڏي وزير، آء جي سنڌ ۽ ٻين پڻ نوٽيس ورتو آھي ۽ ڪارروائي جون هدايتون ڏنيون آھن.