جج کي بهادر نه پر ڊڄڻو هجڻ گهرجي، الله ۽ آئين جو ڊپ هجي: فائز عيسيٰ

0
230
جج کي بهادر نه پر ڊڄڻو هجڻ گهرجي، الله ۽ آئين جو ڊپ هجي: فائز عيسيٰ
جج کي بهادر نه پر ڊڄڻو هجڻ گهرجي، الله ۽ آئين جو ڊپ هجي: فائز عيسيٰ

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته مون کي بهادر جج سڏيو ويو، پر آئون چوندو آهيان ته جج کي بهادر نه، پر ڊڄڻو هجڻ گهرجي، جج کي الله تعاليٰ ۽ آئين جو ڊپ هجڻ گهرجي

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي معزز جج چيو آهي ته عوام کي شڪايت آهي ته عدالتن ۾ فيصلا دير سان ٿين ٿا، اِن صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي سگهجن ٿا

هن وڌيڪ چيو آهي ته انگريزي ۾ قانونسازي تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، پر اردو ۾ به اِن بابت گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي

هن چيو ته مون کي قانوني شعبي سان وابسته 44 سال ٿي ويا آهن ۽ اسان جون زندگيون هڪ ئي مقصد تحت گذرنديون آهن، ضلعي عدالتن ۾ فوجداري ۽ سول ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي آهي، ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ضلعي عدالتن ۾ ٿيندا آهن

معزز جج آهي چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ جو وڏو سبب قانون کان ناواقفيت آهي، جيڪڏهن ڪو شهري پاڪستان ۾ قانون ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن کي هڪ جاءِ تي نه ٿو ملي، ڪنهن دور ۾ هر سال وفاقي قانون شايع ٿيندا هئا، هاڻي سلسلو ختم ٿي ويو

جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته موجوده قانونن ۾ ترميمون هاڻي قانون ۾ جيڪي ترميون اچي رهيون آهن، انهن کي داخل نٿو ڪيو وڃي، اڪثر پراڻن قانونن کي سامهون رکڻو پوندو آهي، پوءِ هر سال ترميمن جو جائزو وٺڻو پوندو آهي، پهريان 5 سالا، 10 سالا پاڪستان ڪوڊ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيندا هئا، هاڻي ائين ناهي