ام رباب جو پيءُ ۽ ڏاڏو منشيات فروش هئا، ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي: سردار چانڊيو

0
370

دادو (ن پ ا) پ پ ايم ايم پي اي سردار احمد چانڊيو چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ڪيس جي فرد جرم خلاف اسٽي ڏنو آهي، جڏهن فرد جرم لاڳو نه ٿيندو ته ڪيس ڪئين هلندو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ 5 حاضريون ٿيون، صرف هڪ حاضري تي مخالف ڌر جي وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرايو وري ٻيهر ناهن آيا، ڪيس هي پاڻ پيا ڊلي ڪن

هن چيو آهي ته ام رباب جو پيءَ ۽ ڏاڏو منشيات فروش هئا، جيڪو پوليس رڪارڊ ۾ موجود آهي، اسان منشيات جي واپار خلاف مٿي لکيو ته ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي

ھي به پڙھندا

ٽي گهر ڀاتي قتل ٿيا، جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو: ام رباب