ججز ۽ بيورو ڪريٽس سوڌو ڪنهن کي به پلاٽ ڏيڻ جي مخالفت ناهي ڪئي: بلاول ڀٽو

0
206
اسان ملڪ جي قسمت

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ هن ملڪ ۾ نسله ٽاور جهڙا ظلم ٿي رهيا آهن، بني گالا کي ريگيولرائيز ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي، گجر نالي ۽ اورنگي نالي کي ريگيولرائيز ڪرڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻو ۾ ڪچين آبادين جي رهواسين کي ليز سرٽيفڪيٽس ڏيڻ بعد خطاب ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سموري سنڌ ۾ ڪچين آبادين جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو

 اسان ججز ۽ بيورو ڪريٽس سوڌو ڪنهن کي به پلاٽ ڏيڻ جي مخالفت ناهي ڪئي، اُميد ته غريبن کي مالڪاڻا حق ملڻ تي اعتراض نه واريو ويندو، عوام ساٿ ڏئي ته اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين، جنهن ۾ عام ماڻهن کي حق ڏنا وڃن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ عمران خان جا سهولتڪار لسانيت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: بلاول ڀٽو زرداري