لاکڙا ڪول مائنز وٽ ڪاسائي جي دڪان مان پورھيت جو لاش ھٿ

0
133

مانجھند (ن پ ا) لاکڙا ڪول مائنز جي انڊس اسٽاپ تي ڪاسائي جي دڪان مان پورھيت جو لاش ھٿ آيو آهي

انڊس اسٽاپ تي موجود گوشت جي مارڪيٽ مان گلزار ڪاسائي جي دڪان تي ڪم ڪندڙ پورھيت  خانيوال جو رھواسي 45 سالا محمد طاھر پٽ شيخ الياس جو لاش مليو، اھڙو اطلاح ملڻ تي ڪول مائنز پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي تحويل م وٺي ڇڏيو

ايس ايڇ او ڪول مائنز جي چوڻ مطابق پورھيت جي لاش سان گڏ ڪجهھ ميڊيسنس ۾ مليون آھن جنھن سان لڳي ٿو ته پورھيت بيمار به ھيو

هن چيو آهي ته دڪان مالڪ گلزار ڪاسائي سان رابطو پڻ ڪيو ويو آھي جيڪو حيدرآباد مان اچي رھيو آھي جنھن جي اچڻ کان پوء فوت ٿي ويل پورھيت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال مانجھند نيو ويندو