سنڌ ۾ عمران خان جا سهولتڪار لسانيت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

0
276
پارليامينٽ بدترين دور

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ عمران خان جا سهولتڪار لسانيت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام کي اپيل آهي ته ٻڌي سان هن سازش کي ناڪام بڻائين

حيدرآباد ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته اسان پنهنجا حق گهرندا رهنداسين، هو لساني طور ويڙهائڻ جي ڪوشش جاري رکندا، سنڌ ۾ سڀ هڪ آهيون ۽ اسان ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين

پ پ چيئرمين متحده ۽ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کين بلدياتي چونڊن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي، جيڪي بلدياتي قانون کي ڪارو قانون سڏين ٿا، مڪاني چونڊن ۾ اُنهن جو منهن ڪارو ٿيندو

هن چيو آهي ته 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪرنداسين ۽ نااهل حڪمرانن کي نيڪالي ڏئي ڪٺ پُتلي نظام جو خاتمو آڻينداسين، وقت جي آمر ۽ ظالم لاءِ جيالا ڪافي آهن، اسان هنن جو بندوبست ڪنداسين

ھي به پڙھندا

عوام پ پ سان گڏ حڪومت خلاف رستن تي نڪري آيو آهي، سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪنداسين:وڏو وزير