عوام پ پ سان گڏ حڪومت خلاف رستن تي نڪري آيو آهي، سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪنداسين:وڏو وزير

0
234
عوام پ پ سان گڏ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پ پ طرفان ڀاڻ جي بحران ۽مهانگائي خلاف ٽرئڪٽر ٽرالي مارچ بعد جلسوم ٽرئڪٽر ٽراليز ۽ اُٺ گاڏين تي سوار ٿي پهتل جيالن توڙي جيالين طرفان مارچ ۾ شرڪت

جلسي کي خطاب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار عوام کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي، حڪمران مقامي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري ايڪسپورٽ ڪن ٿا، کوٽ ۾ وري پرڏيهه مان ڪڻڪ گهرائين ٿا

وڏي وزير چيو تھ  ڀاڻ اسمگل ڪرڻ جا الزام هڻندڙ پي ٽي آءِ وزيرن کي اها به خبر ناهي ته سنڌ ۽ افغانستان جون سرحدون نٿيون ملن، عوام پيپلز پارٽي سان گڏ حڪومت خلاف رستن تي نڪري آيو آهي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين

ھي به پڙھندا

حيدرآباد ۾ پ پ پاران ٽرئڪٽر ٽرالي مارچ، قافلا پھچي ويا