پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪيس ڪمزور ڪرڻ گهري ٿي: شيرين جوکيو

0
361
پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شھيد ناظم جوکيو جي گھرواري  شيرين جوکيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ شھيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪريو

شيرين جوکيو جو چوڻ ھو تھ پ پ جا چونڊيل نمائندا ڌر بڻجي ويا آھن، اسان کي ٻيو ڪجهه نه بس انصاف گهرجي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪيس ڪمزور ڪرڻ گهري ٿيايم اين اي عبدالڪريم ڀاءُ

سڀ ڄام ڪريم جي ونگار وهي رهيا آهن، منهنجي مڙس کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، پريس ڪانفرنس دوران پنھنجي مڙس بابت ڳالھائيندي شيرين جوکيو روئي ويٺي، ھن چيو تھ ڄام ڪريم سان ذاتي دشمني ڪونھي، انصاف گھرجي

عورت سماجي اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ نياڻي سان اسان گڏ آھيون، ملڪ ۾ انصاف نھ ھوندو تھ عوام مايوس ٿي ويندو، شيرين جوکيو کي انصاف گھرجي

عورت اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ ناظم جوکيو کي بيدردي سان شھيد ڪيو ويو، ھي ڪيس دھشتگردي جو آھي، اسان غيرتمند آھيون، ڪيس کي اڳتي کڻي ھلنداسين، نياڻي سان اسان گڏ آھيون

ھي به پڙھندا

ملير: شيرين جوکيو پاران ڪيس جي مدعي ٿيڻ لاءِ درخواست داخل