لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي جبل چاڙهو ساجد نيپال ۾ موجوده دنيا جي اٺين بلند ترين چوٽي “ٽروسمنٽ” سر ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. تفصيل موجب پاڪستاني جبل چاڙهو ساجد پهريون پاڪستاني آهي جنهن نيپال ۾ واقعي “ٽروسمنٽ” جي چوٽي سر ڪئي آهي، دنيا جي اٺين بلند ترين اها چوٽي نيپال جي مائونٽ مناسلو ۾ واقع آهي. جبل چاڙهو ساجد اهو تاريخي ڪارنامو سومر ڏينهن صبح جو انجام ڏنو، اهو سومر جي صبح مناسلو جي ٽاپ تي پهتو. واضح رهي ته “ٽروسمنٽ” 8 هزار ميٽر بلند آهي ۽ هن چوٽيءَ جي پيمائش گذريل سال ٿي هئي جنهن کانپوءِ هن چوٽيءَ کي دنيا جي اٺين بلند ترين چوٽي قرار ڏنو ويو هو.