ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم رانديگر آل رائونڊر رويندرا جديجا انجري سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم روهت شرما جي قيادت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ ٿيندي، وڏي ايونٽ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آل رائونڊر رويندرا جديجا انجري سبب ٽيم کان ٻاهر ٿي ويو. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ٻيا 3 رانديگر ڪي ايل راهول، جسپريت بمراه ۽ هرشل پٽيل کي شامل ڪيو ويو آهي پر انهن ڪرڪيٽرن جي فٽنس هن وقت تائين سواليه نشان آهي، ڪي ايل راهول انجري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کانپوءِ آگسٽ ۾ ٽيم کي جوائن ڪيو هو پر هن وقت تائين ڪا متاثر ڪندڙ ڪاڪردگي ناهي ڏيکاري سگهيو.