واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) مشهور آمريڪي ريسلر ۽ اداڪار جان سينا انساني همدرديءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪري عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو. گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز موجب جان سينا ميڪ اي وش فائونڊيشن لاءِ ٻارن جون سڀ کان وڌيڪ خواهشون پوريون ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ڊبليو ڊبليو اي جي 16 ڀيرا چيمپئن رهندڙ جان سينا 2 کان 18 سالن جي عمر جي ٻارن جون 650 خواهشون پوريون ڪري عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪيو. جان سينا 19 جولاءِ تائين 650 خواهشن کي پورو ڪيو جڏهن ته اڄ تائين ڪوبه ٻيو 200 کان وڌيڪ خواهشون پوريون ناهي ڪري سگهيو. ريسلنگ کي تقريبن ڇڏي ڏيندڙ جان سينا جو ڌيان هاڻي هالي ووڊ فلمن تي آهي جڏهن ته اهو 2002 کان ميڪ اي وش سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي.