لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم فاسٽ بالر حارث رئوف کي مستقل کيڏائڻ تي تنقيد ڪئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته ايتريون ميچون کيڏائي حارث رئوف کي ٽوڙڻو آهي؟ حارث رئوف ايتري گرمي ۾ سڄو ايشيا ڪپ کيڏيو، پوءِ انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ڪراچي ۾ هن مان سموريون ميچز کيڏايون ويون، هن کي بريڪ جي ضرورت آهي، ورلڊ ڪپ تائين اوهان جي بالرن ۾ جان رهڻ به ضروري آهي. حارث رئوف کي بريڪ ڏيڻ جي صورت ۾ حل ٻڌائيندي وسيم اڪرم چيو ته جيڪو به بالر اسڪواڊ ۾ آهي اوهان کي هن کي کيڏائڻو وپندو ڇوته اها روٽيشن ضروري آهي. وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ رانديگر کي هر اوور ۾ ڀڄڻو هوندو آهي، بيٽنگ ۾ فيصلا جلدي ورتا ويندا آهن هيءَ تمام تيز گيم آهي تنهن ڪري رانديگرن جي روٽيشن تمام ضروري آهي.