ملتان (م ڊ) سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي جي خاندان سان انتقامي ڪارروائيون جاري آهن، سندس ڌيءُ آمنه هاشمي جي بينڪ اڪائونٽ مان ايف بي آر وارا 52 لک رپيا ڪڍي ويا آهن. آمنه هاشمي جو چوڻ آهي ته منهنجي اڪائونٽ مان عدالتي حڪم ۽ منع نامي باوجود پئسا ڪڍرايا ويا آهن، توهين عدالت جي درخواست به داخل ڪيل آهي. ٻئي طرف چيف ڪمشنر ايف بي آر عاد رضا بودله چيو آهي ته آمنه هاشمي جي بينڪ ٽرانزيڪشن ڪروڙن ۾ هئي، ڪيترائي ڀيرا نوٽيس به جاري ڪيا پر هن ڪو جواب نه ڏنو، ڪيترن ئي مهينن کان جاچ جاري هئي، جواب نه ملڻ تي ڪارروائي ڪئي آهي.