اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ايندڙ مالي سال 2021-22ع جي 900 ارب رپين تي ٻڌل وفاقي ترقياتي بجيٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، “پنهنجي اخبار” وٽ موجود ايندڙ مالي سال 2021-22ع جي 900 ارب رپين تي ٻڌل ترقياتي بجيٽ جي دساويز مطابق ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي منصوبن لاءِ هڪ کرب 13 ارب 95 ڪروڙ، پاڻي وزارت جي منصوبن لاءِ 110 ارب، رٿابندي وزارت 99 ارب 25 ڪروڙ 11 لک، ايوي ايشن ڊويزن جي منصوبن لاءِ 4 ارب 29 ڪروڙ 59 لک، سيڙپڪاري بورڊ جي منصوبن لاءِ 12 ڪروڙ 29 لک، ڪابينا ڊويزن جي منصوبن لاءِ 56 ارب 4 ڪروڙ 27 لک، موسمي تبديلي وزارت جي منصوبن لاءِ 14 ارب 32 ڪروڙ، واپار وزارت جي منصوبن لاءِ 30 ڪروڙ، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کانسواءِ مواصلات ڊويزن جي منصوبن لاءِ 45 ڪروڙ 13 لک رکيا ويندا، دفاع وزارت جي منصوبن لاءِ هڪ ارب 32 ڪروڙ 50 لک، دفاعي پيداوار وزارت لاءِ هڪ ارب 74 ڪروڙ 50 لک، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي منصوبن لاءِ 50 ڪروڙ، وفاقي تعليم جي منصوبن لاءِ 9 ارب 19 ڪروڙ، ناڻي وزارت جي منصوبن لاءِ 94 ارب 60 ڪروڙ 50 لک، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي منصوبن لاءِ 37 ارب، هائوسنگ اينڊ ورڪس جي منصوبن لاءِ 14 ارب 94 ڪروڙ 31 لک، انساني حقن واري وزارت جي منصوبن لاءِ 22 ڪروڙ 50 لک، صنعت پيداوار وزارت جي منصوبن لاءِ 3 ارب 6 ڪروڙ 60 لک رکيا ويندا، سڌ سماءَ وازرت جي منصوبن لاءِ هڪ ارب 84 ڪروڙ 89 لک، انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جي منصوبن لاءِ 8 ارب، بين الصوبائي وزارت جي منصوبن لاءِ 2 ارب 56 ڪروڙ 21 لک، گهرو وزارت جي منصوبن لاءِ 22 ارب 10 ڪروڙ، ڪشمير ۽ گلگت مامرن بابت وزارت جي منصوبن لاءِ 61 ارب 81 ڪروڙ، قانون ۽ انصاف وزارت جي منصوبن لاءِ 6 ارب 2 ڪروڙ 73 لک، جهاز راني وزارت لاءِ 4 ارب 95 ڪروڙ 41 لک، نارڪوٽڪس ڪنٽرول لاءِ 21 ڪروڙ 62 لک، فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي منصوبن لاءِ 12 ارب، صحت وزارت جي منصوبن لاءِ 22 ارب 82 ڪروڙ 22 لک، قومي ورثي لاءِ 4 ڪروڙ 59 لک، اٽامڪ انرجي ڪميشن جي منصوبن لاءِ 30 ارب رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پاڪستان نيوڪليئر ريگوليٽري اٿارٽي جي منصوبن لاءِ 20 ڪروڙ، پيٽروليم وزارت جي منصوبن 3 ارب 7 ڪروڙ 70 لک، غربت جي خاتمي واري ڊويزن لاءِ 11 ڪروڙ 89 لک، ريلوي وزارت جي منصوبن لاءِ 30 ارب، مذهبي مامرن جي وزارت لاءِ 50 ڪروڙ 28 لک، روينيو ڊويزن جي منصوبن لاءِ 4 ارب 70 ڪروڙ، سائنس ٽيڪنالاجي وزارت لاءِ 8 ارب 11 ڪروڙ 10 لک، سپارڪو جي منصوبن لاءِ 7 ارب، اين ٽي ڊي سي پيپڪو جي منصوبن لاءِ 53 ارب، خصوصي ترقياتي پيڪيجز ۽ ٻين مدن لاءِ 60 ارب 13 ڪروڙ 17 لک رپيا رکڻ جون تجويزون تيار ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڏکڻ بلوچستان پيڪيج، سنڌ ڊولپمينٽ پلان، گلگت بلتستان جي ترقياتي پلان لاءِ 34 ارب رپيا رکڻ جون تجويزون تيار ڪيون ويون آهن.