لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته حڪومت ميمبرن چون ٿا ته بار بار ياد نه ڏياريو ته اسان نوان آيا آهيون پر پوءِ به انهن کي مشورو ڏيندا رهندا آهيون. چوڌري پرويز الاهي اتحادي حڪومت تي پيار ڀري طنز ڪندي چيو ته منهنجي وڏ وزارت طور گهڻو ڪم ڪيو پر دهل نه وڄايو، صوبي جي گروٿ 8 سيڪڙو تي آڻدي هئي، نواز ليگ جي حڪومت تندور ۽ دانش اسڪول جهڙي اسڪيم تي پيسا ضايع ڪيا.