ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي رٿيل اڄوڪي ڌرڻي سبب سيڪيورٽي صورتحال کي مد نظر رکندي سمورا داخلي رستا بند ڪري ڇڏيا ، بحريا ٽائون ڪراچي جي انتظاميا پاران رهواسين کي اطلاع ڪيو ويو آهي ته رڳو گيٽ نمبر 3 ئي اچ وڃ لاءِ کليل رهندو، رهواسين کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پاڻ سان گڏ بحريا ٽائون جو رهائشي ڪارڊ گڏ کڻي اچن ته جيئن کين ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي.