جاتي (ن پ ا) جاتي جي ننڍي گونگڙي شاخ جي پڇڙ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ ۽ منڍ ۾ بااثر زميندارن پاران لفٽ مشينون لڳائڻ خلاف رحيم علي مري،ارشاد خاصخيلي،رمضان خاصخيلي،سومار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن دانيهندي چيو ته ننڍي گونگڙي شاخ ۾ منڍ جي بااثرن غيرقانوني ڪٽ هڻي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، آبپاشي عملدار به سندن سان مليل آهن، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب اسان جا فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 3 ڏينهن اندر شاخ جي پوڇڙ تائين پاڻي نه پهتو ته آبپاشي کاتي جي آفيس جو گهيراءُ ڪنداسين.