جوهي(ن پ ا) جوهي برانچ جي پڇڙي جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف مختلف شاخن چنجاڻي، پٽوڙو، پهوڙ، لاکا، دڙا، ڇني جي آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽر منظور لغاري چونڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، آبادگارن يوسف سولنگي، امام علي رستماڻي، ميهر گاڏهي، حسن لنڊ ، صفر لنڊ ، خان محمد رودناڻي، حاجن بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ آبادگارن الزام هڻندي چيو ته منڍ جا بااثر کاتيدار ۽ ڀوتار جوهي برانچ آبادگار ۾ سرعام لفٽ مشينون هڻي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن، جنهن ڪري جوهي برانچ جي پڇڙي مان نڪرندڙ 7 شاخن ۾ پاڻي اڻ لڀ آهي، آبادي ته ٺهيو پر چوپايو مال به اُڃ وگهي مري رهيو آهي. آبادگارن چيو ته چونڊيل نمائيندا، پاڻي چور ۽ آبپاشي عملدار هڪٻئي سان مليل آهن، جنهن ڪري اسان کي پاڻي پهچائڻ جا ڪوڙا آسرا ڏئي فصل سڪائي ڇڏيا آهن. هنن چتاءُ ڏنو ته جوهي برانچ تي ڌاڙا هڻندڙ ڀوتارن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي ۾ پاڻي پهچايو وڃي.