عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) تعليم کاتي عمرڪوٽ پاران ضلعي جي پرائمري اسڪولن بابت تفصيلي رپورٽ تيار، ضلعي ۾ ھڪ ھزار 33 پرائمري اسڪول بند پيل ھجڻ جي تصديق، 342 پرائمري اسڪولن جي حالت خراب، فرنيچر ۽ ٻين سھولتن جي اڻھوند. عمرڪوٽ ضلعي جي تعليم کاتي پاران ضلعي جي پرائمري اسڪولن جي تفصيلي رپورٽ انگن اکرن سان تيار ڪئي وئي آھي جنھن موجب ضلعي عمرڪوٽ ۾ بند پيل پرائمري اسڪولن جو ڪُل تعداد ھڪ ھزار 33 ڄاڻايو ويو آھي جڏھن ته انھن بند پيل اسڪولن ۾ 726 بوائز پرائمري اسڪول ۽ 307 نياڻين جا گرلس پرائمري اسڪول شامل آھن، ضلعي پرائمري کاتي عمرڪوٽ پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ اھو ڄاڻايو ويو آھي ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪُل 342 پرائمري اسڪولن جي حالت زبون آھي ۽ انھن جي بلڊنگن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آھي، انھن 342 پرائمري اسڪولن ۾ 266 بوائز ۽ 76 گرلس پرائمري اسڪول شامل آھن ضلعي جي ڪُل 1515 پرائمري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ وارا تفصيل به رپورٽ ۾ شامل ڪيا ويا آھن، جڏھن ته مجموعي طور تي ضلعي ۾ ڪُل 2550 پرائمري اسڪول موجود ھجڻ ۽ استادن جو ڪُل تعداد 2357 موجود ھجڻ ڄاڻايو ويو آھي. رپورٽ موجب چئني تعلقن جا انگ اکر به ڏنا ويا آھن جن موجب عمرڪوٽ تعلقي ۾ ڪل 537 اسڪول بند پيل آھن، سامارو تعلقي ۾ 123، پٿورو تعلقي ۾ 253 ۽ ڪنري تعلقي ۾ 120 پرائمري اسڪولن کي بند ڄاڻايو ويو آھي عمرڪوٽ جي تعليم کاتي جي ذريعن موجب اھڙي تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي وئي آھي جيڪا سنڌ جي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کي پيش ڪئي ويندي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او پرائمري دوارڪو مل درزي روزاني پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ضلعي مان ڪافي استاد رضاڪاراڻا طور ريٽائرڊ ٿي ويا آھن ۽ ٻيو ڪافي وقت کان استادن جون نيون ڀرتيون نه ٿي سگھيون آھن ان ڪري اسڪول بند پيل آھن جيئن ئي نيون ڀرتيون ٿينديون ته اسڪول کوليا ويندا استادن جي ضلعي ۾ تمام گھڻي کوٽ ھجڻ ڪري ڏکيائيون آھن.