بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جي يو آءِ ۽ ضلعو بچايو تحريڪ جي سڏ تي قطر مسجد الله ولا چوڪ کان سوين شهرين ۽ آبادگارن ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري 6 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي جي اڳواڻي فتح محمد مهيري، عبدالواحد مڱريو ، الھبخش نوتيار، شير جمالي، نظير خاصخيلي،ڊاڪٽر عبدالغني نوتيار، لالا نواز، غفورچانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي آبادگارن پاران پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ سبب زمينون غيرآباد آهن، پوکيل فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، هنن چيو ته آبپاشي عملدارن هٿ وٺي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي کوٽ ڪري ڇڏي آهي، پاڻي جي مناسب ورڇ نه ڪرڻ سبب بدين جي ٽيل تائين پاڻي نٿو پھچي، هنن چيو ته 6 مهينن کان سراپا احتجاج آهيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، وقت سر پاڻي نه ڏنو ويو ته بدين جي معيشت مڪمل تباھ ٿي ويندي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان کي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف 6 ڪلاڪ ڌرڻي بعد ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار ڌرڻي واري هنڌ پھچي آبادگارن سان ڳالھيون ڪري پاڻي پھچائڻ جي يقين ڌياني تي ڌرڻو ختم ڪرايو.