جاتي (ن پ ا) يونين ڪائونسل مڙهو بولاخان جي ڳوٺ صالح محمد خاصخيلي ۾15 ڏينهن اڳ ٽن ٻارن جي ماءُ مسمات زليخان کي ڪارنھن جي الزام ۾ قتل ۽ لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ جي انڪشاف بعد معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ جرڳي جا چؤٻول. خبر موجب جاتيءَ جي يوسي مڙھو بولاخان جي ڳوٺ صالح محمد خاصخيليءَ ۾2 ھفتا اڳ 27 ورھين جي شادي شده ناري زليخان زال اعجاز خاصخيلي کي مبينا طور ڪارو ڪاري جي الزام ھيٺ سخت تشدد جو نشانو بنائي قتل ڪرڻ جي انڪشاف بعد اهي پڻ چوٻول آهن ته پوليس کي هلڪو هٿ رکڻ عيوض 5 لک رپيا رشوت ڏني وئي. ذريعن موجب مبينا طور ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيل عورت واري واقعي بعد ڪارو قرار ڏنل نوجوان قتل جي خوف کان اڃا تائين گم آھي. جڏھن ته مبينا طور تي قتل واري واقعي بعد وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ تر جي اھم شخصيت جي سرپئنچيءَ هيٺ ٽي ڏينهن ڳجهه ڳوهه ۾ جرڳو پڻ ٿيو آھي. ٻي طرف جاتي پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ناريءَ جي وارثن ۽ مڙس جو چوڻ آهي ته زليخان خاصخيلي گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي خودڪشي ڪئي آهي.