خيرپور (رپورٽر) ڪنب جي رهواسڻ خوشبو ناز ڀٽي خيرپور ۾ احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن آفيس پهچي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار غلام شبير ڀٽيءَ منهنجي ٻن ٻارن 6 سال جي علي رضا ۽ 4 سال جي علي حسن کي پنهنجي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، ٻار گهرڻ تان قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته مان پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ٻار ان جي حوالي ڪري ڇڏيان پر مان پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان رهڻ چاهيان ٿي. ٻار بازياب ڪرائي ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ آئون پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس. هوڏانهن اهڙي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺندي وومين ڪمپلين سيل جي انچارج ۽ ڪنب پوليس کي حڪم ڏنو ته ٻارن کي بازياب ڪرائي انهن کي والده جي حوالي ڪيو وڃي، پوليس ٻنهي ٻارن علي رضا ۽ علي حسن ڀٽيءَ کي بازياب ڪرائي کين والده جي حوالي ڪري ڇڏيو.