جوهي/راڌڻ (نمائندن وٽان) مهينو اڳ مزدوري بهاني جوهي گهرائي بيدردي سان قتل ڪيل سيتا واسي نوجوان واري مامري ۾ گرفتار جوابدار گلزار مشوري، حاجي خان لانڊر، مختيار مشوري ۽ عرس ٻٻر جي نشاندهي تي پوليس مقتول عاشق چانڊيو جو ڪفن اجرڪ ۽ گوڏ ھٿ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته لاش جي ڳولا جاري آهي، سيتا جي ڳوٺ دلو کوکر جي رهواسي گڏهه گاڏو هلائيندڙ پورهيت عاشق چانڊيو کي سندس دوست مزدوري بهاني گڏهه گاڏي سميت جوهي وٺي آيا هئا، جتي مهينو اڳ کيس گڏهه گاڏو ڦٻائڻ جي لالچ تي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش گم ڪري ڇڏيو هو، جوابدارن جي نشاندهي تي پوليس جوهي شهر ٻاهران روحل فقير جي درگاهه ڀرسان مقتول نوجوان جو ڪفن اجرڪ ۽ گوڏ ھٿ ڪري ورتا آهن، ان حوالي سان جوهي پوليس ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل 4 جوابدارن اعتراف ڪندي چيو آهي ته انهن گڏهه گاڏو ڦٻائڻ جي لالچ ۾ عاشق کي قتل ڪيو ۽ لاش جوهي برانچ ۾ لوڙهي ڇڏيو هو، ٻي طرف مقتول جي پيءُ انور چانڊيو ٻڌايو ته پُٽ کي بيگناهه بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته ايس ايچ او راڌڻ عبدالستار ملاح ٻڌايو ته راڌڻ جي حد ڳوٺ دلو کوکر مان گم ٿيل نوجوان عاشق حسين چانڊيو جي وارثن طرفان داخل ڪيل اين سي ۽ الزام ھيٺ آيل جوابدارن جي نشاندھي تي جوھي ۾ لاش ڪي ڳولا ڪئي وئي، جتي ھڪ شاخ مان ڪفن اجرڪ ۽ گوڏ ھٿ آئي، جيڪا ايس ايچ او جوھي حوالي ڪئي وئي آھي، ھٿ ڪيل سامان جي تصديق بعد وڌيڪ ڪجھه چئي سگھجي ٿو، ھن وڌيڪ چيو ته ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي وئي آھي، اين سي داخل ٿيل آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون.