لنڊن (م ڊ) برطانوي پوليس آفيسر عورت کي لڄالٽ بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو، برطانوي عدالت پوليس آفيسر تي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، برطانوي ميڊيا موجب برطانوي پوليس وين ڪوزنز ناري ساره ايوررڊ جي اغوا ۽ زيادتي جو عدالت ۾ اعتراف ڪيو. ميڊيا رپورٽ موجب 33 ورهين جي ناري کي مارچ ۾ گهر ويندي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جو لاش هفتي کانپوءِ ايشفورڊ واري علائقي مان مليو هو، ڪيس جي جاچ دوران پوليس آفيسر وين ڪوزنز کي گرفتار ڪيو ويو هو.