ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ويجهو 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان محمد علي ميرجت جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ حاجي صديق ميرجت جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حاجي محمد صديق ميرجت، عبدالله ميرجت، علي خان ميرجت، رياض علي خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سلطان آباد پوليس مقتول محمد علي ميرجت جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، پوليس بااثر جي ونگار وهندي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.