سرحد (ن پ ا) سرحد ۾ گداگري ڪري پيٽ پاليندڙ لاڏائو قبيلي سان تعلق رکندڙ مائي شانه لاشاري صحافين آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته گهوٽڪي جا پوليس اهلڪار رفيق مهر، غلام قادر ملڪ ۽ بااثر رشيدشيخ، ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ تنگ ڪندا هئا، انڪار تي انهن منهنجي مڙس شان لاشاري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، هن چيو ته ناجائز لاڳاپا رکڻ کان انڪار تي اهلڪارن منهنجي مڙس شان لاشاري کي ناحق گرفتار ڪري ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي،عورت جو چوڻ هو ته پني پيٽ پاليندا آھيون ۽ جهوپڙين ۾ رهندا آھيون پوليس اهلڪار ناحق اسانکي ڪوڙن ڪيسن ڦاسائي رهيا آھن، هوڏانهن مائي شانه لاشاري پوليس اهلڪارن رفيق مهر، غلام قادر ملڪ ۽ بااثر رشيد شيخ خلاف گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، عدالت 14جون تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي، اي سيڪشن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شان لاشاري ڪيس ۾ گھربل ھو، ان کي گرفتار ڪيو آھي.