کهڙا (رپورٽ : لياقت علي چنا ) کهڙا ۾ 2 هفتا اڳ اڳوڻي ايس ايچ او، جمعدار ۽ بااثر پاران ناري تهمينه خلجي سان مبينا طور ڏاڍائي ڪوشش ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻو ايس ايچ او اعجاز مگسي، بااثر نصير اڄڻ جا ڀائر ۽ سندس پيءُ ميرل اڄڻ پريس ڪلب ۾ سماجي اڳواڻ مخدوم منصور احمد هاشمي ۽ سوين شهرين جي موجودگي ۾ ناري تهمينه خلجي کان معافي ورتي، جڏهن ته بااثر نصير اڄڻ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ سبب موجود نه هو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ناري تهمينه خلجي چيو ته جوابدار قرآن شريف ۽ 20 لک کڻي مون وٽ ميڙ ٿي آيا، مان کين پئسا واپس ڪري قرآن پاڪ کي مان ڏيندي معاف ڪري ڇڏيو، هن وڌيڪ چيو ته جتي جنهن عورت سان جيڪڏهن ظلم زيادتي ٿيندي ته سڀ کان پهرين مان ان لاءِ آواز بلند ڪنديس، هن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پاران آواز اٿارڻ تي صحافين جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.