ڄام نواز علي (ن پ ا) نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن سوئٽن ۾ زرعي زمين جي پاڻي جي واري تان جهيڙو هڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ هڪ عورت سميت 8ڄڻا سخت زخمي، ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ، پوليس جي وڏي نفري طلب، ڳوٺ ۾ خوف حراس ڇانيل، نئون آباد ٿاڻي جي حد درگاهه تلاشاهه ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان تڪرار ٿي پيو، ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ سبب ڳوٺ ۾ خوف پکڙجي ويو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڌر جو يعقب خاصخيلي ۽ مسمات کنڊران زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪهاڙيون لڳڻ سبب محمد صالح پٽ محمد شريف خاصخيلي، محمد مشتاق خاصخيلي زخمي ٿي پيا، ٻئي ڌر جا شاهنواز خاصخيلي، نورعلي خاصخيلي، علي حسن خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي ۽ مٺو خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا، جهيڙي جي اطلاع تي نئون آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اضافي نفري طلب ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي، پوليس زخمين کي کڻائي نئون آباد ٿاڻي تي آندو جتان علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪري ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي نئون آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سڳا سئوٽ آهن جن ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو واقعي واري ڳوٺ ۾ وڌيڪ جهيڙي کي روڪڻ لاءِ پوليس نفري مقرر ڪئي آهي، ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڌريون نه آيون آهن جيئن آيا ته ڪيس داخل ڪنداسين.