دادلغاري (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي خانگي اسپتال ۾ آپريشن لاءِ آندل عورت ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيڻ وارو مامرو، ڊي ايچ او ڊاڪٽر عبدالرزاق مرڻاس نوٽس وٺندي عورت جي آپريشن ۾ مبينا طور غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر ڪنيعالعل ۽ ڊاڪٽر راجڪمار خلاف ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي، جيڪا جاچ ڪري ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي، جوڙيل ڪاميٽي ٽن ڄڻن ڊاڪٽر قادربخش، ڊاڪٽر اعجاز لغاري ۽ ڊاڪٽر عبدالستار ڪولاچي تي مشتمل آھي. ياد رھي ته ڳوٺ علي نائچ واسڻ عورت سوني نائچ کي پتي جي آپريشن لاءِ اسپتال آندو ويو هو جتي ڊاڪٽر پاران گھڻو نشو ڏنو ويو جنھن سبب عورت فوت ٿي ويئي هئي.