پيروسڻ (ن پ ا ) پيروسڻ ڀرسان ميرواهه ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نينگري زيب النساءُ جو لاش ٻن ڏينھن بعد ويھو واھ جي آر ڊي 2 وٽان ھٿ ڪيو ويو آھي، نينگري جو لاش ڳوٺ نارائي لاشاري آندو ويو ته سندس گھر اندر ڪھرام مچي ويو. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ٻارڙي کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. وارثن دانھيندي چيو ته ايريگيشن انتظاميا توڙي اي سي ميرواھ يا وري مختيار ڪار ميرواھ سيمت اسانجي تعلقي انتظاميا لاش ڳولڻ ۾ ڪابه مدد ناھي ڪئي. شھناز لاشاري جو لاش ڳوٺاڻن ميرواھ ڪينال مان نڪرندڙ پندرھون واھ مان 3 منھن ڀرسان 30 ڪلاڪ بعد ڪڍيو ويو هو، جڏهن ته ڪاشف معجزاڻي طور محفوظ رهيو. واضح رهي ته ڳوٺ نارائي لاشاري واسي موٽرسائيڪل سوار ڪاشف لاشاري پنھنجي زال شھناز لاشاري ۽ ڌيءُ زيب النساءُ سميت ميرواھ ڪينال ۾ ڪري پيا ھئا.