بدين (رپورٽر) هفتو کن اڳ تلھار شھر مان مبينا طور اغوا ٿي ويل 13 ورھين جي نينگري سمليٰ ڪولھيءَ کي پوليس جهڏي مان بازياب ڪرائي ورتو. خبر موجب گذريل ڏينهن ايس ايچ او تلھار ڌڻي بخش مريءَ جي سربراهي ۾ هڪ پوليس پارٽي جھڏو شھر ۾ ڇاپو هڻي نينگري سمليٰ ڪولھيءَ کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس اغوا جي الزام ۾ عزيز پتافي کي پڻ گرفتار ڪيو آھي. نينگري ۽ گرفتار جوابدار کي تلھار ٿاڻي تي رکيو ويو آھي. اڄ کين لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.