تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ويجهو گذريل رات ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهادر جهانگواڻي ۾ ڪارنهن تڪرارا تان فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل 60 سالن جو پيرسن سوڍو جهانگواڻي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پيرسن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن نصرالله ۽ قربان جهانگواڻي ٻڌايو ته پنهنجي ئي مائٽن سان ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان گذريل رات حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ پيرسن زخمي ٿي پيو هو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.