ڄام نوازعلي (ن پ ا) ڄام نواز علي ڀرسان برهمڻ آباد ۾ مال چاريندڙ ڌنار 13 ورهين جي عيدن سهتو سان مبينا بدفعلي ڪندڙ ٻن ڄڻن شاهد عرف شهزادو سهتو ۽ رياض علي کوسو مٿان ڄام نوازعلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪندي کين گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.