ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن نوجوانن ۽ زخمي ٿيل چئن عورتن جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل، 26 جوابدار نامزد، بڪتر بند گاڏي سميت پوليس نفري مقرر، جوابدار گرفتار نه ٿيا، خبر موجب ڳوٺ جوابپور ۽ الهرکيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين مامن ڀاڻيجن حب علي ۽ سڪندر چانڊيو ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڄڻن الهوڌايو ۽ عرفان چانڊيو جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مقتول الهوڌايو چانڊيو جي امڙ مسمات راڻي جي فرياد تي 11 سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدارن ۾ حب علي، محبت، امجد، ممتاز، پهلوان، شاهنواز، آغا رضا، سعيد، احمد علي، جلال، رحمت الله ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن چئن عورتن جي زخمي ٿيڻ جو ٻن عورتن سميت 15 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مسمات وزيران، مسمات خديجا، باشن، صحبت چانڊيو ۽ ٻين کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي. ڌرين ۾ سخت چڪتاڻ سبب ايس ايس پي شڪارپور ميرواهه واري علائقي ۾ بڪتر بند گاڏي ۽ پوليس نفري مقرر ڪئي آهي، واقعن جا ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.