گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب ته ڪجهه مهينا اڳ زمين جي تڪرار تان قتل ٿي ويل وڪيل آفتاب شاهه جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار صدام مگسي کي فقير سي اين جي يشنل هاءِ وي وٽان گرفتار ڪيو آهي بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس موجب ته گرفتار ڪيل جوابدار صدام مگسي کي ريمانڊ لاءِ گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي موڪلي ڇڏيو واضح رهي ته ڪجه مهينا اڳ زمين جي تڪرار تان جوابدارن فائرنگ ڪري وڪيل سيد آفتاب شاهه کي قتل ڪيو هو ۽ قتل ٿي ويل وڪيل سيد آفتاب شاهه جو قتل ڪيس سندس والد سيد شاهنواز شاهه جي فرياد تي صدام مگسي ۽ فاروق مگسي مٿان داخل ڪيو ويو هو.