تلهار (ن پ ا) تلهار  لڳ ڳوٺ ڪوهر جمالي ۾ پاڻي جي لنگھه تان جمالي ۽ لنڊ برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب  يونس جمالي زخمي ٿي پيو. زخمي کي طبي امداد لا۽ رورل هيلٿ سينٽر تلهار منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏيئي گڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. جڏهن ته  يونس جمالي جي درخواست تي بلاول لنڊ خلاف رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آھي ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي.