سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ دولت ڊومڪيءَ ۾ واپڊا عملدان جي نا اھليءَ سبب 11 ھزار وولٽيج بجليءَ جون تارون زمين کان چند فوٽ مٿي لٽڪيل، انساني جانيون داءُ تي لڳل. خبر موجب تيز برساتن دوران ٿنڀا ڪِري پوڻ بعد ڪاٺ جي لڪڙن تي جڳاڙي نموني رکيل تارن ۾ وچڙي 12 سالن جو عبدالقيوم مھر سخت زخمي ٿي پيو. نينگر جي دانهن تي ساٿي ڌنارن موقعي تي پهچي زخمي نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پھچايو. ڳوٺاڻن پاران شڪايتن باوجود واپڊا عملدارن تدارڪ نه ڪيو. متاثر نينگر جي وارثن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسڪارپ واري لائين جا ٿنڀا ڪِري پوڻ سبب 11 هزار وولٽيج بجليءَ جون تارون لڪڙن ۾ لٽڪيل آھن، جن مان چوپائي مال توڙي انساني جانين کي خطرو آھي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته معصوم ڌنار عبدالقيوم مال چاريندي اوچتو تارن ۾ وچڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پنوعاقل تعلقي اسپتال کڻائي آياسين پر اسپتال انتظاميا مرهم پٽي ڪري پرائيويٽ اسپتال کڻي وڃڻ جو مشورو ڏنو. زخمي نينگر اڃا تائين بيھوش پيل آھي. ڳوٺاڻن سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته متاثر نينگر جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ نااهل واپڊا عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.