ميرپور ٻرڙو (ن پ ا ) ميرپورٻرڙو جي موساڻي محلا جي 9 سال جي راحت ڌيءَ محمد علي ٻرڙو پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري پئي،راھگيرن ٻارڙي کي بيھوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نينگري جو مڙھ گھر پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، امڙ ۽ ابي کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا، نياڻي کي آلين اکين سان مٽي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو.