بدين(رپورٽر) تلھار ۾ ھفتو اڳ زميني تڪرار تان قتل ٿيل عورت ۽ زخمين جا مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف بدين جي ڊي پي او چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. قتل ٿيل عورت ٻن ٻارن جي ماءُ نازيه سولنگي ۽ زخمين واري ڪيس ۾ مک جوابدار ايم پي اي تلھار مير الھبخش ٽالپر جو پٽ مير عرفان ٽالپر گرفتار نه ٿيڻ خلاف سولنگي برادري جي ماڻهن احتجاج ڪيو. حاجي غلام مصطفي سولنگي محبوب سولنگي مسمات راڄٻائي سولنگي نائلا سولنگي جي اڳواڻي ۾ سوين مردن عورتن ۽ ٻارڙن مقتول جي پٽ دل جي سوراخ واري بيماري ۾ ورتل9 ورهين سبحان سولنگي ۽ 7 ورهين جي عليشبا سولنگي جيڪا عيب نارمل جي بيماري ۾ مبتلا آهي انھي سان گڏ سوين ماڻهن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. وارثن چيو ته ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر اسان جي گھرن واري زمين تي جديد هٿيارن سان ليس ڏوهاري ماڻهو وٺي زمين تي قبضو ڪرڻ بعد سڌا فائرنگ ڪري هڪ عورت مسمات نازيه سولنگي کي قتل ڪرڻ ۽ ٻن مردرکي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ مک جوابدار پٽ مير عمران ٽالپر کي پوليس وڏي رشوت وٺڻ سبب هن مهل تائين گرفتار نه ڪيوآهي هنن الزام هنيو ته ايم پي اي مير الھبخش ٽالپر قتل ڪيس ۾ مک جوابدار سندس پٽ مير عمران ۽ ٻين جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿو هنن مطالبو ڪيو ته مک جوابدار مير عمران ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ڌرڻي سبب ڪراچي بدين روڊ 6 ڪلاڪ مڪمل بند ھجڻ ۽ شهر جا داخلا وارا روڊ بند ٿيڻ جي ڪري ھزارين مسافر شاگرد ۽ مريض روڊن تي پريشان ھئا، مگر سڏ پنڌ تي موجود ايس ايس پي آفيس ۽ ايس ايس پي ھائوس ھجڻ باوجود 6ڪلاڪن بعد بدين پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽مک جوابدار  گرفتارڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.