لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي حد نئون ديرو چوڪ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند مارڪيٽنگ ڪمپني جي آفيس ۾ مئنيجر تنوير مغيري ۽ انچارج تنوير لغاري کي يرغمال بڻائي کائن 11 لک روڪ رقم ۽ 3 موبائل ڦري فرار ٿي ويا، اطلاع تي اي ايس پي سٽي واقعي واري هنڌ پهتو.ان موقعي تي اي ايس پي سٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم هٿ ڪبي. واپارين کي گهرجي ته هو پنهنجي دڪانن ۽ آفيسن جي اندر توڙي ٻاهرين پاسي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائن.  اڄوڪي واقعي ۾ آفيس ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائون بند هيون، ان باوجود واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.  ان حوالي حوالي سان متاثر مئنيجر تنوير مغيري ۽ انچارج تنوير لغاري ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربند يرغمال بڻائي 11 لک روڪ ۽ 3 موبائل کسي ويا. واضح رهي ته ان کان اڳ هڪ فرنچائيز مان هٿياربند به لکين رپيا ڦر ڪري ويا هئا، سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.