ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي گبلو ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل 2 نوجوانن امان الله ڀٽي ۽ صدام شاھ جي بازيابي لاءِ وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو. وارثن ذوالفقار شاهه ۽ ٻين چيو ته ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لاءِ 60 لک ڀنگ گهريو آھي، ڪٿان ايترا پئسا آڻيون. وارثن جو چوڻ هو ته ڏوھارين مغوين جي وڊيو به وائرل ڪئي آھي، جنھن ۾ مغوين کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪيو پيو وڃي انھن جي زندگين کي خطرو آھي، کين جلد بازياب ڪرايو وڃي.